لاهور جي مقامي عدالت اداڪار محسن عباس جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

news

لاهور: (سومر 05 آگسٽ 2019ع) لاهور جي مقامي عدالت اداڪار ۽ گلوڪار محسن عباس جي عبوري ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ اڄ محسن عباس جي عبوري درخواست واري ضمانت تي ايڊيشنل سيشن جج عرفان بسرا  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. محسن عباس پنهنجي وڪيل سان گڏ سيشن عدالت ۾ پيش ٿيو. هن ايڊووڪيٽ عدنان طارق  جي وسيلي عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪري رکي هئي.

ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اداڪار محسن عباس جي خلاف ڊفينس سي ٿاڻي تي سندس گهر واري فاطمه جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اداڪار محسن عباس تي امانت ۾ خيانت ۽ پنهنجي گهر واري فاطمه کي اڳرن نتيجن جي ڌمڪين بابت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف درخواست ڏيندڙ عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي. عدالت عبوري ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏئي.  جنهن کان پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين مذڪوره ٿاڻي جي جاچ آفيسر کان مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي.