آرمي چيف ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سڀاڻي طلب ڪري ورتي

news

راولپنڊي: (سومر 05 آگسٽ 2019ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرس سڀاڻي طلب ڪري ورتي.

ذريعن موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڀارت جي غير آئيني قدمن ۽ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ ڀارت جي ڪنهن به امڪاني مس ايڊونچر جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي به غور ڪيو ويندو.

والاريل ڪشمير جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آرمي چيف ڪور ڪمانڊرز ڪانفرس طلب ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير آئيني قدمن جو جائزو ورتو ويندو. ڪو ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪنٽرول لائين جي صورتحال ۽ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو.

ياد رهي ته ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي ڪلسٽر بمن جو استعمال ڪيو جنهن کان پوءِ گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو جنهن ۾ ايل او سي ۽ ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت به ڪئي وئي.