انوشڪا شرما جون ٺڪرايل فلمون ڪامياب ٿي ويون

news

ممبئي: (سومر 05 آگسٽ 2019ع) بالي ووڊ اداڪاره  ۽ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي گهر واري انوشڪا شرما جو ڳانڍاپو ڀارتي فلم انڊسٽري جي پهرين نمبر جي اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جن جي ڪيريئر ۾ ڪيتريون ئي هٽ فلمون شامل آهن. پر انهن ڪيترين ئي فلمن کي ٺڪرايو جيڪي رليز ٿيڻ کان پوءِ هٽ ثابت ٿيون.

2015 ۾ رليز ٿيندڙ سپر هٽ فلم تماشا ۾ اداڪار رنبير ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون جي اداڪاري اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ نقش ٿيل آهي. پر اها ڳالهه گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته فلم جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ هدايتڪار امتياز علي جي پهرين پسند ڊمپل گرل دپيڪا نه پر انوشڪا شرما هئي ۽ امتياز علي کيس فلم جي آڇ به ڪئي هئي پر انوشڪا اهو چئي فلم ٺڪرائي ڇڏي ته کيس فلم ۾ پنهنجو ڪردار مناسب نٿو لڳي. اداڪار ارجن ڪپور ۽ عاليه بهٽ جي فلم (2 اسٽيٽس) جي به پهريان انوشڪا شرما کي آفر ٿي هئي پر انوشڪا شرما انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اها به فلم باڪس آفيس تي هٽ ثابت ٿي.

اداڪاره ڪرينه ڪپور ۽ ارجن ڪپور جي فلم(کي اينڊ کا) به ڪرينه کان پهرين انوشڪا شرما کي آفر ٿي هئي پر انوشڪا ان فلم کي به ٺڪرائي ڇڏيو پر اها فلم باڪس آفيس تي ڇائجي وئي. اداڪاره ڪترينه ڪيف ۽ سڌارٿ ملهوترا جي فلم(باربار ديکهو) ۾ هدايتڪاره نتيا مهرا جي پهرين پسند ڪترينه نه پر انوشڪا شرما هئي ۽ هن انوشڪا کي ان ڪردار جي آڇ به ڪئي هئي پر انوشڪا انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ايستائين جو هڪ اهڙي فلم جو به ذڪر آهي جنهن کي انوشڪا ٺڪرايو ته نه هو پر آڊيشن ڏيڻ جي باوجود اها فلم ان جي حصي ۾ نه اچي سگهي. هتي ڳالهه ٿي رهي آهي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ ڪرينه ڪپور جي 2009 ۾ رليز ٿيندڙ سپرهٽ فلم ٿري ايڊٽيس جي انوشڪا شرما فلم ۾ ڪرينه ڪپور جي رول جي لاءِ آڊيشن به ڏني هئي پر فلم جي هدايتڪار راجڪمار هيراني کي ان باري ۾ خبر ئي نه پئي. جنهن کان پوءِ انوشڪا کيس آڊيشن وارو ڪلپ ڏيکاريو ته هو حيران ٿي ويو.