مايا علي فلم(پري هٽ لو) ۾ پنهنجي ڪردار تان پردو کڻي ڇڏيو

news

ڪراچي: (سومر 05 آگسٽ 2019ع) اداڪاره مايا علي پنهنجي ايندڙ نئين فلم(پري هٽ لو) ۾ پنهنجي ڪردار بابت خاموشي ختم ڪري ڇڏي. هڪ ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي اداڪاره ٻڌايو ته منهنجي فلم(پري هٽ لو) ۾ ثانيه نالي هڪ بردبار ۽ مضبوط ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان جيڪا هڪ اعليٰ سوچ ۽ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندڙ ڇوڪري هوندي آهي هن کي اها به خبر آهي ته سٺو ڇا آهي ۽ خراب ڇا آهي ۽ سڀني کان اهم ڳالهه ته ثانيه پنهنجي خاندان جي اهميت به سمجهي ٿي.

مايا علي اهو به چيو ته هر ڪردار جو منهنجي زندگي تي وڏو گهرو اثر هوندو آهي ۽  مان ذاتي طور تي اهو محسوس به ڪندي آهيان ته فلم(پري هٽ لو) ۾ ثانيه جو ڪردار  جيڪو مان ادا ڪري رهي آهيان اهو ڪافي مضبوط ڪردار آهي ۽ ان ڪردار جو منهنجي ذات سان ڳانڍاپو ڪري سگهجي ٿو. مايا علي چيو ته فلم ۾ شهريار سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو.

شوٽنگ جي دوران ائين لڳي رهيو هو ته جيئن سڀ ڪجهه پاڻ ٿي رهيو آهي ۽ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪيمسٽري تعريف جوڳي آهي. ياد رهي ته عاصم رضا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم(پري هٽ لو) ۾ مايا علي، شهريار، منور، نديم بيگ، زارا نور، حنا دلپذير ۽ احمد بٽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندا. فلم هلندڙ مهيني عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.