ڊکڻ ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

news

ڊکڻ: (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) سومر 05 آگسٽ 2019ع: ڊکڻ  ويجهو نوجوان بجلي جي تارن ۾ وچڙجي فوت، خبر موجب ڊکڻ ويجهو ڳوٺ دلمراد خروس ۾ زمين تي رونبو ڪندي پورهيت نوجوان پنهل پٽ رفيق خروس سارين جو ٻيجارو کڻي رهيو هو ته مٿان لڙڪندڙ يارنهن هزار بجلي جي تارن ۾ وچڙي پيو.

جنهن دوران کيس ڳوٺاڻن نازڪ حالت ۾ ڊکڻ جي خانگي اسپتال آندو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.01