ميرپورخاص ۾ ٽول پلازا جي ملازم جو نوڪري تي بحالي لاءِ احتجاج

news

ميرپورخاص: سومر 05 آگسٽ 2019ع:ٽول پلازا انتظاميا بنا ڪنهن ڪارڻ جي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي، نوڪري تي بحال ڪيو وڃي. ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ احمد لغاري واسي نوجوان ارشاد علي لغاري ٽول پلازا انتظاميا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي نوجوان ارشاد علي چيو ته ٽول پلازا ميرپورخاص تي گذريل هڪ سال کان ڊيوٽي ڪري رهيو هئس.

هن وقت ٽول پلازا انتظاميا پاران بنا ڪنهن ڪارڻ جي 50 ڄڻن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي، مقامي ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي انهن جي جڳھ تي ٻين ضلعن جا ماڻهو ڀرتي ڪيا پيا وڃن، جيڪا سراسر زيادتي آهي.

هن چيو ته نوڪري مان فارغ ڪرڻ سبب گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي. نوجوان چيو ته ٽول پلازه انتظاميا پاران مقامي ماڻهن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ وارو عمل انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي.

نوجوان سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس نوڪري تي بحال ڪري بيروزگاري واري زندگي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اهڙي عمل خلاف عدالت ۾ ويندس.01