ميرپورخاص ۾ نريش قتل وارو مامرو، ڪولهي برادري جو پوليس خلاف ڌرڻو

news

ميرپورخاص: سومر 05 آگسٽ 2019ع:پوليس تحويل ۾ فوت ٿيل ٻن ڪولهي شاگردن لڇمڻ ڪولهي ۽ ورجانگ ڪولهي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ، مظاهرين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سياسي سماجي تنظيمن، فوت ٿيلن جي وارثن سميت سوين ماڻهن پاران ٻي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل.

ڌرڻي ۾ مقتول نريش جي والد رامو ڪولهي، تلسي ڪولهي، سماجي اڳواڻ رائسنگ ٺاڪر، منجي ٺڪر، مانو سنڌي، واجد لغاري، سنگيتا ڀيل، ڀڳوانداس ڪڇي، ايس ٽي پي جي مير يونس ٽالپر، عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌ ڪولهي اتحاد جي رڻشال ڪولهي، سماجي اڳواڻ، شميم مري، ايس يو پي جي منظور ميمڻ، محمد خان مري، وڪيل ڀڳوانداس ڀيل، فقير شيوا ڪڇي، پشپا ڪماري، چندر ڪمار، سگا جي ظفر پنهور، جمن لغاري سميت عورتن مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪيس ۾ نامزد عملدار اڃا تائين گرفتار نه ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مظاهرين ۽ وارثن مٿان ڪيس داخل ڪري حراسان ڪرڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري سان ظلم ٿي رهيا آهن.

هندو برادري جنهن هميشه پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنو، سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هجڻ باوجود هندوئن سان زيادتيون ۽ ظلم جاري آهن. ميرپورخاص ضلعو پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آهي، جتي روز جي بنياد تي پوليس گردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، نااهل ۽ ڪرپٽ ايس ايس پي جنهن جي اڳواڻي ۾ پوليس عملدارن ضلعي ۾ شريف ماڻهن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيو آهي. هڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا ماريا ويا آهن پر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ وارثن ۽ مظاهرين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران رشوت نه ملڻ تي بي گناهه شاگردن کي قتل ڪري بعد ۾ واقعي کي حادثي جو رنگ ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته نوجوان شاگردن کي بي دردي سان پاڻي ۾ ٻوڙي ماريو ويو.

جڏهن ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد پوليس عملدار ضمانتون ڪرائي آزاد گهمي رهيا آهن. پوليس انتظاميا وارثن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري ڌمڪائي رهي آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ اڃا تائين اکين ڏٺي شاهدن توڙي مشيرن جا بيان نه ورتا ويا آهن. هڪ نوجوان پپو ڪولهي جيڪو زخمي ٿيو ان کان بيان وٺڻ گهرجن.

جڏهن ته فوت ٿيل شاگردن جي وارثن امرشي، ڪولهي، ڌنجي، تلسي ۽ ٻين چيو ته نريش قتل ڪيس ۾ انيتا ملوث هئي، جنهن کي اسان پاڻ پوليس حوالي ڪيو، جنهن بعد مقتول جي ٽن سئوٽن کي پوليس جاچ جو چئي پاڻ سان گڏ کڻي وئي، اسان ايس ايڇ او تعلقي ۽ سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري سان ملاقات ڪري گرفتار ٽن نوجوانن کي آزاد ڪرڻ جو چيو، ڪوڙا دلاسا ڏنا ويا، اسان کي انهن سان ملاقات به نه ڪرائي وئي ۽ ٽن ڏينهن بعد اسان کي اسان جي ٻن نوجوان جا لاش مليا، اسان سان ظلم ٿيو آهي، اسان جي خاندان جا ٽي ماڻهو پوليس ماري ڇڏيا پر اڃا تائين انصاف لاءِ روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي کي فوري طور هٽايو وڃي.

پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري مظاهرين تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ معاملي جي جاچ آر پي او ولي الله دل کان ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي جاويد بلوچ چيو ته واقعو مذمت جوڳو عمل آهي، واقعي جي شفاف جاچ لاءِ وارث رابطي ۾ اچن انهن جي مرضي سان جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويندو. پوليس جي ڪوتاهي هر گز برداشت نه ڪئي ويندي احتجاج ڪرڻ وارثن جو حق آهي ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

سوين ماڻهن جي ڌرڻي جو صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال پاران نوٽس وٺندي اي آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل سان رابطو ڪيو، جنهن تي ولي الله دل پاران پنهجي آفيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن جي مطالبي تي اي آءِ جي سان رابطو ڪيو آهي، وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، اسان وارثن سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

جڏهن ته اهڙي خاطري بعد مظاهرين پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٻئي طرف ايم پي اي راڻا همير سنگھ فوت ٿيل ٻن ڪولهي شاگردن جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته واقعو افسوس ناڪ آهي، سنڌ حڪومت هندو برادري سان گڏ آهي، اسان مارجي ويلن جي وارثن  کي انصاف فراهم ڪنداسين. ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ سميت وڏي وزير سان ڳالهائيندس.01