ڪوٽڙي ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي

news

ڄامشورو: سومر 05 آگسٽ 2019ع:ڪوٽڙي ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظھار طور ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ ڪوٽڙي کان ڪوٽڙي شهر تائين هڪ پرجوش ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي پڄاڻي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ چيو ته ڪشميرين کي آزادي سان رهڻ ڏنو وڃي.

هن عالمي طاقتن تي زور ڀريو ته اهي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائيندي ڪشميرين کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت کي پابند ڪن جيڪو ڪشميرين جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته ڀارت خالي هٿين ڪشميري مسلمانن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ انساني حقن کي لتاڙيو پيو وڃي.

ريلي کي خطاب ڪندي ايس ايس ڄامشورو توقير محمد نعيم جو چوڻ هو ته اسان ڪشميرين سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ بند ڪري، اڄوڪي ريلي جو مقصد اهو آهي ته ڀارت کي خبر پوي ته پاڪستاني عوام ڪشميرين سان گڏ آهي.

ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڄامشورو شوڪت علي اڄڻ، ڊي او ايجوڪيشن غلام محي الدين شاهه جيلاني، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي غلام رسول پنهور، ٽائون آفيسر اشوڪ ڪمار، سي ايم او ڪوٽڙي خدابخش سيوهاڻي کانسواءِ استادن شاگردن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.01