پاڪستاني شاگردياڻي جعلي شيون پهچائيندڙ سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو

news

ڪراچي: سومر 05 آگسٽ 2019ع: پاڪستان ۾ جعلي شين جي ڀرمار سنگين مسئلو اختيار ڪري چڪي آهي، جعلي شيون هڪ طرف واهپيدارن لاءِ خساري جو سودو آهي ته ٻئي طرف معياري شيون ٺاهيندڙ صنعتن ۽ سرمائيداري لاءِ هڪ سنگين چيلينج آهي.

جعلي شين تي حڪمت کي پڻ ڪو ٽيڪس حاصل ناهي هوندو ايئن ته پاڪستان جون بازارون ڪاسميٽڪس کان وٺي کائڻ پيئڻ جي شين، شيمپو، صابڻ، جوتن کان وٺي گهڙين ۽ هزارين جعلي شين سان ڀريل آهن پر جعلي دوائن جي پڻ ڀرمار آهي جيڪي انساني جانين لاءِ خطرو بڻجي رهيون آهن نيشنل انڪوبيشن سينٽر ڪراچي ۾ ان اهم مسئلي جو اثرائتو حل ڳوليو ويو آهي.

ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن هٿرادو ذهانت تي ٻڌل تجزياتي سافٽ ويئر تيار ڪيو آهي جيڪو هڪ موبائل ايپليڪيشن ۽ ڊيٽا بيس سان لاڳاپيل آهي ان منفرد ايپليڪيشن کي SE-CURE جو نالو ڏنو ويو آهي ان ايپليڪيشن جو بنيادي تصور ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪندڙ ذهين شاگردياڻي سندس فاطمه پيش ڪيو.

ايپليڪيشن جي عملي مظاهري جي موقعي تي سندس فاطمه ٻڌايو ته آئي ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وي چينل مان خبر پوندي آهي ته ملڪ ۾ روزاني ضرورتن جي شين جي ڀرمار آهي پر جڏهن جعلي دوائن، انجيڪشن ۽ ڊرپس جي باري ۾ خبرون اينديون آهن ته تمام گهڻي پريشاني ٿيندي آهي انهن جعلي دوائن جو شڪار پاڻ اسان جي گهروارن، دوست ۽ عزيز پڻ بڻجي سگهن ٿا ان ڳڻتي جوڳي صورتحال ۽ معاشري لاءِ جعلي شين جي خطري کي وٺي هٿرادو ذهانت بابت قومي اداري سان وابستگي اختيار ڪئي جتي اين اي ڊي جي ايسوسئيٽ پروفيسر ڪمپيوٽر سسٽم ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر  خرم ان مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ رهنمائي مهيا ڪئي ۽ لڳ ڀڳ هڪ سال جي محنت سان اسٽارٽ اپ جي شڪل ۾ هڪ ايپليڪيشن تيار ڪئي جنهن کي سي ڪيور جو نالو ڏنو ويو، سي ڪيور ايپ وسيلي نه صرف ڪنزيومر پروڊڪٽس پر ڪتابن ۽ اهم دستاويزن کي پڻ نقل کان بچائي سگهي ٿو جن ۾ تعليمي سندن، حڪومت جي جاري ڪيل لائسنس، پرائز بانڊز پر ڪرنسي نوٽ پڻ شامل آهن.