نئون ديرو ۾ تعليم کاتي پاران ڪمشمير ڏهاڙي تي ريلي

news

نئون ديرو:سومر 05 آگسٽ 2019ع:ڪشميرين مٿان ڀارت جي ظالماڻي جارحيت ۽ بيگناهن ڪشميرين کي شهيد ڪرڻ خلاف نئون ديرو ۾ سرڪاري اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن پاران ڌار – ڌار ريليون ڪڍي ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ گورنمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو کان سينيئر استاد بسنت لال، اختيار ڪٽپر، مداح قاضي، محمد ياسين، يعقوب ڪنڀر، ستار پهوڙ، فياض سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين شاگردن ۽ استادن جي هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ شامل شاگرد هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ڪشمير جي حمايت ۾ نعريبازي ڪندا پريس ڪلب پهتا.

جڏهن ته نئون ديرو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽو، شهيد ميجر مجاهد ميموريل پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد ون، گورنمينٽ انگلش ميڊيم ايليمينٽري اسڪول نئون ديرو جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن عبدالقيوم ڪرٽيو، مهيندر ڪمار، سميع الله مڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشميرين سان يوم يڪجهتي طور پنهنجي پنهنجي اسڪولن کان ريليون ڪڍي الله وري چوڪ تي گڏ ٿيا جتان ڀارتي جارحيت خلاف نعريبازي ڪندي پريس ڪلب پهتا.

جتي ڳالهائيندي مٿين استادن جو چوڻ هو ته ڀارت جي مودي سرڪار بيگناهه ڪشميرين مٿان ظالماڻيون ڪاروايون ڪري سوين ڪشميرين جو بيگناهه رت وهائي رهيا آهن جيڪا انساني حقن جي سڌيءَ ريت لتاڙ آهي. گڏيل قومن جي عالمي اداري کي ڀارت جي ظالماڻي جارحيت جو فوري نوٽيس وٺي ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم بند ڪرايو وڃي.

پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميرين سان يڪجهتي طور گڏ آهي ۽ هميشه رهندو ۽ ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هوڏانهن گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول مڇي مارڪيٽ جي شاگردياڻين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اسڪول اندر ڪشميرين سان يڪجهتي طور احتجاجي مظاهرو ڪيو.01