ڪورڪمانڊر ڪانفرنس شروع: والاريل ڪشمير ۽ ايل او سي جي صورتحال تي غور

news

راولپنڊي: (اڱارو06 آگسٽ 2019ع) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي معاملي تي ڳالهيون ٿينديون. ڪانفرنس ۾ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي به غور ٿيندو. ذريعن موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڀارت جي ڪنهن به امڪاني اڳرائي جي رد عمل تي به ڳالهيون  ٿينديون.

گذريل ڏينهن ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول(ايل او سي) جي خلاف ورزين ۽ ڪلسٽر بمن جي استعمال کان پوءِ وزيراعظم عمران جي صدارت هيٺ قومي سلامي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نيول چيف، ايئر چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير اعجاز شاهه کان علاوه وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور، وزيراعظم آزاد ڪشمير راجه فاروق حيدر ۽ وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت صلاحڪات فردوس عاشق اعواڻ شرڪت ڪئي.

جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته اجلاس ۾ قومي سلامتي جي معاملن سميت والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڀارت عالمي قانون جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. پر پاڪستان هميشه ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو قوم جي مدد سان ڀرپور جواب ڏنو ويندو.