عيدالاضحيٰ جي ڏينهن رليز ٿيندڙ فلمن جي شيڊول ۾ تبديلي

news

ڪراچي: (اڱارو06 آگسٽ 2019ع) عيدالاضحيٰ جي ڏينهن رليز ٿيندڙ فلمن جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن جي نئين تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

فلم(پري هٽ لو) ۾ مايا علي ۽ (سپر اسٽار) ۾ ماهره خان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ميڊيا رپورٽ موجب هدايتڪار عاصم رضا جي فلم(پري هٽ لو) ۽ هدايتڪار احتشام الدين جي فلم(سپر اسٽار) کي عيد کان 2 ڏينهن اڳ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن جون تياريون جاري آهن. ان فلمن کي ملڪ ۾ نئين شيڊول جي تحت 12 آگسٽ بجاءِ هاڻ 10 آگسٽ تي عام نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

ياد رهي ته فلم(پري هٽ لو) وڏي ڪاسٽ جي فلم آهي جنهن ۾ مايا علي، شهريار منور، نديم بيگ، زارا نور، حنا دلپذير ۽ احمد بٽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندا. جڏهن ته سپر اسٽار ۾ ماهره خان ۽ بلال اشرف جي جوڙي کان علاوه نديم بيگ، جاويد شيخ، مرينه خان، اسما عباس، سيف حسن، عليزي شاهه، علي ڪاظمي ۽ عدنان شاهه ٽيپو شامل آهن.