اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ڳوٺ نوبت مري واسين جو پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڱارو 06 آگسٽ 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پوليس چيڪ پوسٽ نوبت مري جي انچارج حيدر خاصخيلي عرف دوهو خلاف ڳوٺ نوبت  مري جي رهواسين  عبد الرحمان کوسو، محمد هاشم، حاجي عبدالستار، مسمات زينت ۽ مسمات خديجه جي اڳواڻي ۾ سوين مردن عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري صالح شاهه موري وٽ ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ٽنڊوآدم وايا نصرپور روڊ کي بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي ڌرڻو هڻندڙن اڏيرو لال اسٽيشن ۽ نوبت مري  پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ الزام هنيو ته ڄاڻايل پوليس بااثر وڏيرن عبدالرشيد کوسو ۽ علي کوسو جي ونگار وهندي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري بعد ۾ اسان جي 4 نوجوانن خان محمد کوسو، غلام محمد کوسو، سليمان کوسو ۽ غلام نبي کوسي کي بنا جواز گرفتار ڪري آئي آهي ۽ هاڻ انهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهي.

هنن چيو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي هڪ نه ٻئي ڏينهن اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان کي تنگ ڪري ٿي.

هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته پوليس چيڪ پوسٽ نوبت مري جي انچارج خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي چيڪ پوسٽ جي عملدارن جي ظلمن کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان ايس ايس پي مٽياري جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.01