ايندڙ پنجن سالن ۾ ڳالهائيندڙ ليزر ٺاهي وٺنداسين: پينٽاگون

news

نيويارڪ: اڱارو 06 آگسٽ 2019ع: آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون چيو آهي ته ان جي غير مهلت هٿيارن بابت ڊائريڪٽوريٽ اهڙي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آحي جنهن جي ڪري ليزر ۾ لڪيل ڳالهه ٻولهه هڪ ٻئي جاءِ تائين پهچائي سگهبي، پينٽاگون موجب ايندڙ پنجن سالن ۾ اهو خواب تعبير ٿي ويندو.

ان جي لاءِ هڪ خاص ٽيڪنالاجي تي ڪم جاري آهي جنهن کي ليزر اينڊيوسڊ پلازما ايفيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، ان ۾ طاقتور ليزر شعاعن جي فائرنگ سان پلازما جي بال جهڙي ٺهندي آهي ۽ ان کانپوءِ ٻي ليزر پلازما ۾ ڏڪڻي پيدا ڪئي ويندي آهي جنهن مان آواز پيدا ٿيندو آهي، جيڪڏهن درست فريڪوئنسي ۽ ٺيڪ انداز سان ليزر وڌي وڃي ته اهڙي طرح پلازما بلڪل اسان جي ڳالهه ٻولهه جيان انساني سمجهه ۾ ايندڙ لفظ پڻ خارج ڪري سگهي ٿو.

اڄ اهو قصو ڪهاڻي معلوم ٿئي ٿي پر حقيقت اها آهي ته وڌ ۾ وڌ ايندڙ پنجن سالن ۾ اهو ممڪن ٿي ويندو ۽ ان حوالي سان هڪ اهم وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ پهريان ليزر اڇلائي پلازم بال ٺاهيو ويو ۽ ٻي ليزر موڪلي ان مان هڪ جملو ٺاهيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو ڏکيائي سان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي پر ڌيان سان ٻڌو وڃي ته ان ۾ اسٽاپ آر وي ول بي فورسڊ ٽو فائر اپون يو چيو ويو آهي.

ان ليزر وسيلي خاص ماڻهن کي هدايتون ڏئي سگهجن ٿيون يا وري ڏوهارين کي خبردار ڪرڻ جو ڪم پڻ ورتو ويندو، اهو نظام 155 ڊيسي بيل تائين جو آواز پيدا ڪندو آهي جيڪو ٻڌڻ جي لاءِ تباهه ڪندڙ هوندو آهي.