اڏيرو لال ۾ جهولي لال ڊگري ڪاليج انتظاميا پاران ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ريلي

news

اڏيرو لال: اڱارو 06 آگسٽ 2019ع:ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي جارحيت خلاف جهولي لال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج اڏيرو لال اسٽيشن پاران ڪاليج کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

يڪجهتي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جا نعرا لکيل هئا. ريلي ۾ هر طرف کان ڪشمير ٿيندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان زندهه باد ۽ انڊيا مرده باد جا نعرا گونجي رهيا هئا.

ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي جهولي لال گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپل سيد خان محمد شاه بخاري  چيو ته پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ اهي ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

هن چيو ته اڄ اسان ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون. ان موقعي تي ڪاليج جي استادن بي ڊي ابڙو، ڪامران، عبدالرحمان کوسو ۽ ٻين پڻ  خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جي فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڪلسٽر بمن سان شهري آبادي کي نشانو ڪري رهي آهي جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.01