ٿري ڊي پرنٽر سان زندا انساني دل پرنٽ ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي

news

سڊني: اڱارو 06 آگسٽ 2019ع: ڪارنيگي ميلون يونيورسٽي ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم ٿري ڊي بايو پرنٽنگ جي هڪ نئين ٽيڪنيڪ جو عملي مظاهرو ڪيو آهي جنهن کي استعمال ڪندي مڪمل، ڌڙڪندڙ ۽ پوري جسامت واري زندا انساني دل پرنٽ ڪري  سگهبي، ان کي بايوميڊيڪل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ انتهائي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي ڇو ته هينئر تائين ننڍن ننڍن انساني ٽشوز جي بايوپرنٽنگ ۾ ئي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي هئي.

ان نئين ٽيڪنيڪ جا تفصيل هفتيوار تحقيقي رسالي سائنس جي تازي شماري ۾ شايع ٿيا آهن ۽ ان کي فريش جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو فري فارم ريورس ايبل ايمبيڊنگ آف سسپينڊڊ هائيڊروجيلز جو مخفف آهي، ڪارنگيگي ميلون يونيورسٽي جي ان ئي ٽيم اها  ٽيڪنيڪ پهريان 2015ع ۾ واضح ڪئي هئي جنهن کي پختو بڻائڻ ۾ چار سال لڳي ويا.

نئين اڳڀرائي جي تحت ماهرن ٿري ڊي بايوپرنٽنگ جي شعبي ۾ ڪيترين ئي ڏکيائين تي قابو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه کي ممڪن بڻايو آهي ته ٿري ڊي پرنٽر جي مدد سان پيچيدا انساني بافتن کي انتهائي باريڪ بيني ۽ درست سان پرنٽ ڪري سگهجي.

ياد رهي ته هن سال اپريل ۾ اها خبر آئي هئي ته سائنسدانن ٿري ڊي پرنٽنگ جي مدد سان مختصر جسامت واري زندا دل تيار ڪري ورتي آهي پر اهو طريقو تمام مهانگو ۽ ڏکيو هو جڏهن ته وڏي جسامت تي ان جي استعمال ۾ پڻ ڪجهه عملي ڏکيايون پيش آهن.

اها ڳالهه دلچسپي سان پڙهي ويندي ته ذڪر ڪيل ڪاميابي ۾ عام ٿري ڊي پرنٽرز استعمال ڪيا ويا آهن ۽ حتمي ڪاميابي جي صورت ۾ هڪ مڪمل، زندا ۽ استعمال جوڳي انساني دل صرف هڪ هزار ڊالر ۾ تيار ڪري سگهبي.