گوشت ۾ دٻجي ويندڙ ننهن جي پريشاني حل

news

حيدرآباد: اڱارو 06 آگسٽ 2019ع: ننهن گوشت ۾ گهڙي وڃڻ ڪافي تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي ۽ انفڪيشن جو طرو پڻ وڌي ويندو آهي، ڊاڪٽرن موجب جيڪڏهن ننهن کي تمام گهڻو ۽ گوشت کي ويجهي کان ڪٽيو وڃي ته ان جي چهنب چمڙي ۾ داخل ٿيڻ لڳندي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ننهن جيڪڏهن چمڙي جي اندر ڦٽڻ لڳي ته ان جو گهر ويٺي علاج ممڪن آهي، ڊاڪٽرن موجب جيڪڏهن گوشت ۾ معمولي ننهن گهڙيو آهي ته اوهان پاڻ به ان کي مٿي کڻي سگهو ٿا، بس ننهن کي ڀڄائي نرم ڪري وٺو ۽ پوءِ ان جي اندر ڪجهه رکي ڇڏيو جيڪو گوشت کي چمڙي کان الڳ ٿيڻ ۾ مدد ڏئي سگهي، اينٽي بايوٽڪ مرهم جي ڪجهه مقدار کي متاثر حصي ۾ لڳائي انفيڪشن کي روڪي سگهجي ٿو، عام سور ختم ڪندڙ دوائن جو استعمال فائديمند ٿي سگهي ٿو.

متاثر ننهن کي گرم پاڻي ۾ 15 کان 20 منٽن لاءِ ڀڄائي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان تڪليف ۽ سوڄ ۾ گهٽتائي ايندي اهو عمل 3 کان 4 ڀيرا ورجايو، هڪ ٻيو آپشن متاثر حصو لوڻ ۾ ٻوڙي ڇڏڻ آهي، ان مقصد لاءِ هڪ ٿانو ۾ گرم پاڻي ڀري ڇڏيو ۽ پوءِ ان ۾ ڪجهه مقدار لوڻ شامل ڪري ان ۾ متاثر حصي کي 15 کان 20 منٽن تائين ٻوڙي ڇڏيو، اڌ ڪپ هائيڊروجن پرآڪسائيڊ گرم پاڻي سان ڀري ٿانو ۾ گڏائي متاثر حصي کي 15 کان 20 منٽن تائين لاءِ ٻوڙي ڇڏيو، ان کان علاوه ٽي ٽري آئل جا 2 کان 3 ڦڙا پاڻي ۾ مڪس ڪري ان ۾ متاثر حصي کي 15 کان 20 منٽن لاءِ ٻوڙي ڇڏيو.