پي سي بي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

news

لاهور: (اربع 07 آگسٽ 2019ع) پي سي بي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي معاهدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

چيئرمين پي سي بي احسان ماني ڪرڪيٽ ڪميٽي جون سفارشون  منظور ڪندي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر، بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور، بالنگ ڪوچ اظهر محمود ۽ ٽرينر گرانٽ ليوڊن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. چئني عهدن تي نئين مقررين جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اشتهار جلد جاري ڪندو.

چيئرمين پي سي بي احسان ماني جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ نئين ڪوچنگ اسٽاف جي مقرري تي مڪمل اتفاق ڪري ورتو آهي. ڪوچز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪرڪيٽ ڪميٽي تجربيڪار ميمبرن تي  ٻڌل آهي. سمورن ڪوچن جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.

بورڊ قومي ڪرڪيٽ جي بهتري جي لاءِ فيصلا ڪندو رهندو. ذريعن موجب ڪميٽي ميمبرن جي اڪثريت قومي ٽيم جي لاءِ ملڪي ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي حق ۾ آهن جڏهن ته معاون اسٽاف ۾ پرڏيهي  شامل ٿي سگهن ٿا.