ٽنڊوڄام ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جو ڊرينيج لائين ۽ تلائن جو دورو

news

ٽنڊوڄام: اربع 07 آگسٽ 2019 ع:پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جو ٽنڊوڄام جي ناڪاره ڊرينيج سسٽم کي بهتر بنائڻ لاءِ ڊرينيج لائين ۽ تلائن جو دورو. خبر موجب برسات بعد حيدرآباد ميرپورخاص روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ بيٺل پاڻي شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوششن بعد ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد اعجاز شاهه جي هدايت تي فوري طور تي نيڪال ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ٽنڊوڄام جي ناڪاره ڊرينيج سسٽم کي مستقل طور تي بهتر بنائڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي جي چيف انجنيئر محمد اڪبر بلوچ، سپرنٽنڊينٽ انجنيئر سڪندر ميمڻ، ايڪسين عبدالرشيد ڀٽو، ايس ڊي او اسلم ڏاهري ۽ نعيم زيدي پاران نيڪال جي لائين ۽ تلائن جو دورو ڪري جائزو ورتو.

ان موقعي تي محمد اڪبر بلوچ ۽ سڪندر ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي حڪم تي ٽنڊوڄام جي مير ڪالوني، مير پاڙو، سخي وهاب ٽائون، ڄام گهر ڪالوني، ڄام بنگلوز، لياقت ٽائون، محبوب ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ ڪجهه عرصي کان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو مسئلو هو.

انهن علائقن جي ڊرينيج لائين ۽ تلائن جو ڪم مڪمل ڪري ڊرينيج سسٽم کي فعال ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته هاڻ انهن علائقن جو گندو پاڻي ۽ برساتي پاڻي روڊن رستن تي بيهڻ بدران آساني سان نيڪال ٿي ويندو.01