روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي

news

ڪراچي: (خميس 08 آگسٽ 2019ع) انٽربينڪ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 25 پئسن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي.

فاريڪس ڊيلرز موجب انٽربينڪ ۾ ڊالر 158.25 مان گهٽ ٿي 158 روپين جو ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن 20 پئسا سستو ٿيڻ کان پوءِ ڊالر جي قيمت 158.60 مان گهٽ ٿي 158.40 روپيه ٿي وئي هئي.

جڏهن ته سون جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار آهي ۽ ان جي في ٽولي جي قيمت ۾ 1750 روپيه اضافو ٿيو آهي.