پي سي بي محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان محروم ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (خميس 08 آگسٽ 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيزن 2019-20 جي لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب 19 رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي.

نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جي معاوضن ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي.گذريل سال ان ۾ 33 رانديگرن کي شامل ڪيو ويو هو.

ڪيٽيگري اي ۾ ڪپتان سرفراز احمد، بابر اعظم ۽ ياسر شاهه شامل آهن. جڏهن ته ڪيٽيگري بي ۾ اسد شفيق، اظهر علي، حارث سهيل، امام الحق، محمد عباس، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي ۽ وهاب رياض شامل آهن.