ڊکڻ ۾ جهيڙيندڙ چانڊيا برادري وٽ برهان خان چانڊيو پهتو، فيصلي لاءِ تاريخ مقرر

news

ڊکڻ: (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) خميس 08 آگسٽ 2019ع: ڊکڻ ويجهو ڳوٺ جوابپور ۽ الهورايو چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي نواب برهان چانڊيو پهچي جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن حب علي چانڊيو ۽ سڪندر چانڊيو سان عذر خواهيون ڪيون.

ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪل اٺ لک چانڊيا رهن ٿا. پنج ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ۾ چانڊيا آهن.

اسين هڪ باشعور قبيلو آهيون، هتي ٻن ٻارڙين ۽ نوجوان جي قتل جو ٻڌي افسوس ٿيو. ٻنهي ڌرين جو نقصان اسان جو نقصان آهي. قمبر کان هتي پهچي اسان هنن تي احسان ناهي ڪيو. هي اسان تي فرض آهي، هنن کي ٺاھ لاءِ زور ڀريو آهي.

جن قمبر ۾ نواب سردار خان چانڊيو وٽ فيصلي جي ها ڪئي آهي. سندن فيصلو 15 آگسٽ تي قمبر ۾ ڪيو ويندو.

تيستائين ٻنهي ڌرين کي سختي سان فائربندي جي هدايت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فيصلي ۾ جنهن به ڌر ڏانهن ڏوھ ثابت ٿيو ان خلاف سخت قدم کنيو ويندو ته جيئن ٻيهر ڪوئي به جهيڙو نه ڪري سگهي.01