ميرپورخاص ۾ عورت جو مڙس جي ظلم خلاف احتجاج

news

ميرپورخاص: خميس 08 آگسٽ 2019ع:مڙس 04 مهينا اڳ تشدد ڪري طلاق ڏيئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو ٻيهر اغوا ڪرڻ چاهي ٿو مڙس مان زندگي کي خطرو آهي سامارو جي ڳوٺ عالم ڪالرو واسڻ شريمتي لڇمي ڪولهي والد پورجي ۽ معصوم ٻار سميت مڙس ۽ ساهرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي لڇمي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هڪ سال اڳ مائٽن سونو ڪولهي سان شادي ڪرائي، جيڪو شراب جي نشي جو موالي آهي، اڪثر تشدد ڪندو هو، 4 مهينا پهرين سخت تشدد جو نشانو بڻائي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد مائٽن سان گڏ رهان ٿي.

جڏهن ته گذريل ڏينهن آئون علاج لاءِ سامارو وڃي رهي هئس ته مڙس سونو ۽ ٻيا سندس مائٽن جن پاران  مونکي زوري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي ماڻهو گڏ ٿيڻ بعد هو فرار ٿي ويا، عورت چيو ته مڙس پاران زوري اغوا ڪرڻ، مون مٿان تيزاب هاري ساڙڻ ۽ مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن ڪري اسان سخت خوف ۽ حراس ۾ ورتل آهيون.

عورت جي والد پورجي چيو ته اهڙي دانهن سامارو ٿاڻي تي پڻ ڏني پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري نياڻي جي زندگي کي خطرو آهي، متاثر عورت ۽ سندس والد آءِ جي سنڌ، آر پي او، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01