دنيا جي سڀ کان وڏي طوطي جي باقيات هٿ

news

ويلنگٽن: خميس 08 آگسٽ 2019ع: دنيا جي سڀ کان وڏي قد واري طوطي جي باقيات هٿ ٿي آحي جنهن جو قد 3 فٽ 2 انچ هو، ان 4 ورهين جي طوطي جو وزن 7 ڪلو رهيو هوندو.

ميڊيا رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي اوٽاگو ۾ پکين جي هڪ قديم قبرستنا مان ڪافي بال نسل جي طوطي جي باقيات ملي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو طوطو ڪروڙين سال اڳ زمين تي موجود هو.

آسٽريليا جي يونيورسٽي آف ايڊليڊ جي ماهرن طوطي جي باقيات جو تفصيلي معائنو ڪرڻ کانپوءِ ان جا  تفصيل جاري ڪيا آهن ۽ ان طوطي جي هڪ تصوراتي ٿري ڊي تصوير پڻ ٺاهي آهي.