ڏوڪري ۾ جشن آزادي ۽ ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي

news

ڏوڪري:خميس 08 آگسٽ 2019ع: ڏوڪري ۾ جشن آزادي ۽ ڪشميرين جي حق ۾ اين پي سي آءِ ايڇ اي تعلقو ڏوڪري جي اڳواڻن مشاھد حسين خاصخيلي، عابد علي ابڙو، نور احمد خاصخيلي، سرتاج حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن پاڪستان جا جهنڊا کڻي ريلي ۾ پاڪستان جا قومي گيت هلائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ پاڪستان زنده آباد ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا هنيا.

ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي حيدر چوڪ ڏوڪري پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جي جشن آزادي جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون.

هنن چيو ته انڊيا ڪشمير مٿان ظلم جي انتها ڪئي آهي، جنهن تي عالمي ادارا نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي.01