چيف سليڪٽر بنجڻ جي ڊوڙ، شعيب اختر پلان پڻ تيار ڪري ورتو

news

لاهور: خميس 08 آگسٽ 2019ع: چيف سليڪٽر بنجڻ جو خواب ڏسندڙ شعيب اختر پنهنجو پلان پڻ تيار ڪري ورتو. پي سي بي جو چيف سليڪٽر بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ راشد لطيف، شعيب اختر ۽ محسن حسن خان شامل آهن، اڳوڻي پيسر جو چوڻ آهي ته منهنجي ڳلاهه ضرور ٿي آهي، في الحال ان باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهان.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مون کي ڪا سفارشي نه ايندي، جيڪڏهن موقعو مليو ته گهٽ ۾ گهٽ 50 ڪرڪيٽرن جو هڪ پول تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، هر فارميٽ لاءِ ٽيلينٽ موجود هجڻ گهرجي، ڪجهه رانديگرن تي هر هر دارومدار ڪرڻ بدران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ٽيلينٽ ڳولڻو پوندو، راولپنڊي ۾ ڪلب ڪرڪيٽ جي دوران گلگت بلتستان جا ڪيترائي انتهائي باصلاحيت ڪرڪيٽر اسان سان گڏ کيڏندا هئا، هاڻ اتان جو ٽيلينٽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، اسان کي اوستائين وڃي انهن رانديگرن کي ڳولڻو پوندو.

شعيب اختر چيو ته قومي سطح تي ٽيمن جي سليڪشن کان اڳ گراس روڊ ليول تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ٽيلينٽ جي پرک ڪندڙ اک هجڻ گهرجي، ڪنهن ۾ صلاحيت پر ڪجهه هڪ ٽيڪنيڪل خاميون يا مسئلا آهن ته انهن جو حل ڳولڻ گهرجي.