پاڪستاني سينيما گهرن ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي لاڳو

news

اسلام آباد: خميس 08 آگسٽ 2019ع: پاڪستان سينيما گهرن ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سول ۽ فوجي قيادت ڪشميرين جي آزاد سان آواز ملايو، ملڪي قيادت ڪشميرين سان مڪمل اظهار يڪجهتي ڪئي، ملڪي قيادت دنيا کي پيغام ڏنو ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، قائد اعظم جي ٻه قومي نظرئي سان اختلاف ڪندڙ اڄ سمجهي چڪا هوندا، قائداعظم محمد علي جناح هندو ذهنيت کي پڙهي ورتو هو.

هن چيو ته اڄ ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان جيڪو ڪري رهيو آهي اهو سامهون اچي رهيو آهي، ڀارت ڪشميرين جا حق غضب ڪري رکيا آهن، ڀارت ڪشمير ۾ ميڊيا ۽ خابرو ذريعن تي پوري پابندي لاڳو ڪري رکي آهي، ڀارت سمورا منفي حربا استعمال ڪري ڪشميرين جو آواز دٻائڻ چاهي ٿو ۽ ڪشميرين تي ظلم دنيا آڏو آڻڻ نه پيو ڏئي، ڪشميرين جي جدوجهد آزادي جي تحريڪ بڻجي سامهون آئي آهي، ڀارت جتي جتي ڪشمرين جو استحصال ڪندو پاڪستان اتي سامهون بيٺل هوندو.