پنو عاقل جي قومي شاهراهه تي بس ڪلٽي ٿيڻ سبب ڏهه مسافر زخمي

news

سکر: خميس 08 آگسٽ 2019ع:سکر جي پنو عاقل جي قومي شاهراهه تي تيزرفتاري سبب بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 عورتن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا.

سکر کان رحيم يار خان طرف ويندڙ مسافر بس پنو عاقل جي قومي شاهراهه تي ڪمال واھ لڳ تيزرفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

نتيجي ۾ وين سوار 2 عورتون گلاب، زينب ۽ 8 مرد منير احمد، قاسم، ظهير احمد، مريد علي، وزير منگي، عبدالرحمان پتافي، امان الله ڪلوڙ ۽ سليمان زخمي ٿي پيا، جن کي پنوعاقل اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو.01