سکر جي روهڙي ۾ گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن فوت

news

سکر:خميس 08 آگسٽ 2019ع:سکر جي روهڙي ۾ گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب ملنگ فوت ٿي ويو.  روھڙي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد ڪلر ڳوٺ ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن ملنگ فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي دبر پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو، سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ايڌي مرڪز حوالي ڪيو ويو جن لاش کي نئون ڳوٺ جي اڻڄاتل ماڻھن جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي.01