مناسڪ حج جي شروعات، حاجي سڳورا مڪي کان منيٰ طرف روانا

news

رياض: جمعو 09 آگسٽ 2019ع: مناسب حج جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ 20 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا مڪي کان منيٰ طرف روانا ٿي ويا آهن.

حج پانڌيئڙا پيادل، ٽرين ۽ بسن وسيلي منيٰ پهچي رهيا آهن جتي دنيا جي سڀ کان وڏي خيما بختي آباد ٿي ئي آهي، هر رنگ ۽ نسل جا ايمان وارا اسلام جي رڪن جي ادائيگي جي لاءِ حجاز مقدس ۾ موجود آهن ۽ حج جو رڪن اعظم وقوف عرفا سڀاڻي ادا ڪيو ويندو.

حاجي حج جو خطبو ٻڌندا ۽ ڇنڇر تي مغرب تائين ميدان عرفات ۾ رهندا، پوءِ مغرب کانپوءِ واپسي تي مزدلفا ۾ کليل آسمان هيٺ رات گذاريندا، حاجي مزدلفا ۾ مغرب ۽ عشا جون نمازون گڏ پڙهندا ۽ آچر جو سج نڪرڻ کانپوءِ رمي جمرات ۽ پوءِ قرباني ڪندا.

هن سال سڀ کان وڌيڪ اڍائي لک حج پانڌيئڙا انڊونيشيا مان آهن ۽ ٻئين نمبر  تي 2 لک پاڪستاني حج پانڌيئڙا آهن.