پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اهم سفارشي مشن تي چين پهچي ويو

news

بيجنگ: جمعو 09 آگسٽ 2019ع: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اهم سفارتي مشن تي چين پهچي ويو جتي هو چيني قيادت سان والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اهم سفارتي مشن  تي چين پهچي ويو آهي، بيجنگ هوائي اڏي تي پاڪستاني سفير نغمانا هاشمي ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي سينيئر اختيارين پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو جنهن دوران هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غير آئيني قدمن ۽ پاڪستاني خدشن کان آگاهه ڪندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني قيادت سان ملاقات دوران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿيڻ کانپوءِ جي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪندو ۽ چيني قيادت کي پڻ جارحاڻن قدمن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندو.