ڪشمير جي حالتن تي ٽوئيٽ، هما قريشي ۽ ڀاءُ کي پاڪستان وڃڻ جو مشورو

news

ممبئي: جمعو 09 آگسٽ 2019ع: ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿيڻ کانپوءِ مسلمانن خلاف تعصباڻيون پاليسيون سامهون اچي رهيون آهن، بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي طرفان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 تي ردعمل ڏيڻ تي ڀارتين ان تي تنقيد جا تير اڇلايا ۽ چيو ته اداڪارا پاڪستان هلي وڃي.

سوشل ميڊيا تي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي  بالي ووڊ اداڪارائن طرفان ردعمل سامهون اچي رهي آهن، ديا مرزا، زارا وسيم ۽ ٻين فنڪارن جيان اداڪارا هما قريشي ۽ ثاقب سليم خاموشي ٽوڙي ڇڏي، ٻنهي والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو، سياسي قيادت کي نظربند ۽ ڳري مقدار ۾ فوج مقرر ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو.

اداڪارا هما قريشي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪ رڻ سنگين مسئلو آهي ۽ ان معاملي تي راءِ ڏيندڙ ماڻهن کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڪنهن کي ڪجهه سوچڻ سمجهڻ بنا ٻين جي سيڪيورتي لاءِ مسئلا پيدا نه ڪرڻ گهرجن.

اداڪاررا مسئلي تي بنا سبب ڳالهيون ڪندڙ ماڻهن کي درخواست ڪئي ته اتي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم کان باخبر رهو، ان لاءِ ڳالهائڻ کان سنجيدگي جو مظاهرو ڪريو.

هما قريشي طرفان ٽوئيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي پنهنجي تعصباڻي پاليسين تي لهي آيا ۽ اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هما تي پاڪستان کان ڪميشن وٺڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو.

اداڪارا طرفان پيش ڪيل تجويز تي گهڻا ماڻهو ان تي تنقيد ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان جي تجويز جي حمايت ڪري رهيا آهن، تنقيد ڪندڙن کي حامي چئي رهيا آهن ته اداڪارا کي نه پر اوهان کي پاڪستان هليو وڃڻ گهرجي.

هما قريشي جي ڀاءُ اداڪارا ثاقب سليم کي پڻ ڪشمير معاملي تي ڳالهائڻ تي ماڻهن تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس پڻ ڀيڻ جيان پاڪستان هليو وڃڻ جو مشورو ڏنو.

ثاقب سليم پاڪستان وڃڻ جو مشورو ڏيندڙ ماڻهن کي جواب ڏيندي يو ته مون کي ڀارتي هجڻ تي فخر آهي ۽ ڪنهن کي ان جي باري ۾ فڪربند ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هو جتي به آهي ٺيڪ آهي.