صرف ٽي وي بند ڪري ڇڏڻ سان به وزن گهٽ ڪرڻ ممڪن

news

حيدرآباد: جمعو 09 آگسٽ 2019ع: اڪثر ماڻهو کائڻ دوران ٽي وي ڏسڻ جا عادي هوندا آهن ۽ ايئن ڪدني کيس ان ڳالهه جو اندازو ناهي ٿيندو ته هو ڪيتري تعداد ۾ کاڌو کائي وٺندا آهن پر ڇا اوهان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن منجهند ۽ رات جي ماني جي وقت اوهان ٽي وي ڏسڻ يا ريڊيو ٻڌڻ جي عادت ڇڏي ڏيو ته صرف ايئن ڪرڻ سان ئي وزن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

ميڊيا رپورٽ موجب اصل ۾ ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته ٽي وي ڏسڻ دوران کاڌو کائڻ وقت اوهان پنهنجي چٻاڙڻ جو آواز نه ته ٻڌي سگهندا آهيو ۽ نه ئي ان طرف ڌيان ڏيندا آهيو پر جيڪڏهن اها عادت ڇڏي ڏيو ته اوهان جي چٻاڙڻ جو آواز اوهان کي وڌيڪ ڪيلوريز جسم جو حصو بڻائڻ نه ٿو ڏئي.

اها دعويٰ آسٽريليا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي، ان تحقيق موجب خاموش ماحول ۾ کائڻ جسماني وزن ۾ گهٽتائي لاءِ فائديمند آهي ڇو ته ان سان خوراڪ جي حوالي سان شعور وڌندو آهي ۽ مقدار تي نظر رهندي آهي. تحقيق ڪندڙڻ موجب پنهنجي چٻاڙن جو آواز ماڻهن لاءِ کاڌي جي مقدار جي حوالي سان اهم اشارو ثابت ٿيندو آهي، ان حوالي سان ڪيل 3 تجربن دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته چٻاڙن جو آُاز ماڻهن کي گهٽ کائڻ تي مجبور ڪندو آهي.