قومي ڪرڪيٽرن پاران هاشم آملا کي رٽائرمينٽ تي زبردست خراج عقيدت

news

لاهور: جمعو 09 آگسٽ 2019ع: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻن ۽ هاڻوڪن رانديگرن ڏکڻ آفريڪا جي هاشم آملا جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪئي. اڳوڻي قومي ڪپتان مصباح الحق چيو ته هاشم آملا جو انٽرنيشنل ڪيريئر شاندار رهيو، حقيقي معنيٰ ۾ بهترين ڪرڪيٽر ۽ عظيم انسان آهي، شوقينن کي ان جي کوٽ هميشه محسوس رهندي.

اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيوته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري آملا سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، هو ڪرڪيٽ جو بهترين سفير ۽ ممتاز رانديگر هو، منهنجون سندس لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

محمد حفيظ چيو ته هو سٺو رانديگر هجڻ سان گڏوگڏ بهترين انسان جي طور تي پڻ هميشه ياد رهندو، هو نوجوان ڪرڪيٽر لاءِ مينٽور جي حيثيت رکندو آهي، بابر اعظم چيو ته هاشم آملا گرائونڊ جي اندر ۽ ٻاهر اسان جي لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکندو هو، ان جي لاءِ نيڪ خواهشون رکان ٿو.

پيسر حسن علي چيو ته شاندار انٽرنيشنل ڪيريئر تي مان کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، يقيني طور تي ڪرڪيٽ کيس ياد ڪندي، منهنجون نيڪ خواهشون هاشم آملا سان آهن.