سنڌ جي چوڏهن ضعلن ۾ ستر سيڪڙو پاڻي پيئڻ جوڳو نه آهي: سکر ۾ ورڪشاپ

news

سکر:جمعو 09 آگسٽ 2019ع: سماجي تنظيم شهري سروي رپورٽ انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ جي 14 ضعلن ۾ 70 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جوڳو نه آهي. سماجي تنظيم شهري ناري فائونڊيشن جي سهڪار سان پاڻي ذخيرن جي سنڀال جي سري هيٺ ڊيسينٽ گيسٽ هائوس ۾ ورڪشاپ ڪرايو. ورڪشاپ  ۾ ڳالهائيندي  سماج سڌارڪ شهزادو ملڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جو صاف پاڻي نه پيا پيئن سنڌو درياءُ ۾ گڊو بئراج کان وٺي ڪوٽڙي بئراج تائين درياءُ ۽ انهي مان نڪرندڙ سڀني واهن ۾ لڳاتار وڏي مقدار ۾ ميونسپل ۽ صعنتن جو گدلوپاڻي ڇڏيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ۽ ٻين ادارن  ڄاڻ هجڻ باوجود به ان کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ فلٽريشن پلانٽس لڳايا  ويا آهن جنهن جي سنڀال مڪاني ادارن کي ڪرڻي هئي پر انهن جي صحيح سنڀال نه ٿي سگهي آهي هن چيو ته پاڻي جي چڪاس جو ڪٿي به انتظام نه ٿيل آهي.

وڏن شهرن ۾ غير قانوني واٽر هائيڊريٽس پاڻي چوري ۽ وڏيون عمارتن ٺاهڻ سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي ۽ پاڻي جي ڪوالٽي پڻ خراب ٿي آهي. ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر انور علي مهر ۽ ستار زنگيجو چيو ته سڄي سنڌ ۽ خاص طور سکر شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ڪري شهري بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا، ايتريقدر جو اسپتالن ۾ به صاف پاڻي مهيا نه ٿو ڪيو وڃي.

صحافي خالد ٻانڀڻ ۽ مشتاق ٽانوري چيو ته پاڻي ڪميشن پيئڻ جي پاڻيءَ کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جوڙڻ جي صلاح ڏني هئي پر ان تي عمل ناهي ٿي سگھيو. پاڻي جي گدلاڻ جي ذميواري ادارن سان گڏ شهرين تي به عائد ٿئي ٿي جيڪي ادارن جي مالڪي ۾ ناڪام ٿيا آهن.

ورڪشاپ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جوڙي سنڌ جي شهرين کي صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي. ورڪشاپ ۾ رحيم بخش چنڙ، فاطمه نعيم منگي، برڪت انصاري، اورنگزيب قريشي، وحيد مهر، شڪيلا ڪنول، محمد ريحان اشرف، هوش محمد ۽ ٻين شرڪت ڪري خيالن جو اظهار ڪيو.01