آرمي چيف سان افغان سفير جي ملاقات، ٻه طرفا تعلقاتن تي خيالن جي ڏي وٺ

news

راولپنڊي: جمعو 09 آگسٽ 2019: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان سفير شڪر الله عاطف مشال ملاقات ڪئي آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ ٻه طرفا تعلقات تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.