سکر ۾ فنڪشنل ليگ پاران پندرنهن آگسٽ تي ڪارو ڏينھن ملھائڻ جو فيصلو

news

سکر: جمعو 09 آگسٽ 2019ع:سکر ۾  فنڪشنل ليگ 15 آگسٽ تي ڪاروڏينھن ملھائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. فنڪشنل ھائوس۾ ۾ فنڪشنل ليگ ضلعي سکر جي گڏجاڻي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ جي صدارت ھيٺ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾  ضلعي اندر تنظيم سازي جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ 14 آگسٽ کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ ۽ 15 آگسٽ تي ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ ۽ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

سيد شفقت علي شاھ ڳالھائيندي چيو ته حرن جي روحاني پيشوا فنڪشنل ليگ جي سربراھ پير پاڳاري جي محبت، امن ۽ ڀائيچاري واري فلسفي تي سڀني کي عمل ڪرڻ گھرجي. ڀارتي فوج پاڪستان جي سرحدن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهي آهي، ڀارتي فوج ڪشميرين تي گولا بارود سان حملا ڪري روز ڪيترن ئي ڪشميرين جو رت وهائي رهي آهي.

جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ڪشميري ڀائر آهن. پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي، ڪشميرين تي ڪنهن به قسم جو ظلم برداشت نه ڪيو ويندو. هن اپيل ڪئي ته 15 آگسٽ تي ڪشمير يڪجھتي ريلي ۽ ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ سڄي ضلعي جو عوام گڏ ٿئي. گڏجاڻيءَ ۾ فقير عنايت الله ٻرڙو، عبدالحق مهر، مير اعجاز ٽالپر، جاويد شيخ، محمد حنيف شيخ، ياسين جوڻيجو، ناصر چنو، محمد حنيف مهر، ملڪي مل ۽ ٻين شرڪت ڪئي،01