سکر ۾ شيخ برادري پاران چار گهرڀاتين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

سکر:جمعو 09 آگسٽ 2019ع: سکر ۾ 3 سال اڳ قتل ٿي ويل 4 گھر ڀاتين جي وارثن ٻارن ٻچن سوڌو پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

خيرپور جي گمبٽ ويجهو راضي ديرو جي رهواسين شيخ برادري 3 سال اڳ قتل ٿي ويل 4 گهر ڀاتين قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

حاجي خان شيخ، عابد حسين شيخ، محمد لائق، راڻي خاتون، عابده، حاجاڻي ۽ ٻين ٻڌايو  ته 2016 ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي مائٽن بااثر جاويد سيال، غلام مصطفيٰ سيال، محمد اقبال سيال، غلام شبير، ذوالفقار شيخ، غلام مرتضيٰ شيخ، غلام عباس سيال، لونگ سيال ۽ ٻين هڪ ايڪڙ زمين کين وڪرو ڪري نه ڏيڻ تي لاڙڪاڻي مان حاضري تان واپس ايندڙ چئن ڄڻن غلام حسين، همت علي، علي رضا ۽ محمد نواز کي بي دردي سان قتل ڪيو.

جڏهن ته عابد حسين کي زخمي ڪيو. واقعي جو ڪيس  محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪري ٻين خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي، جوابدار آزاد گھمندي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ھنن مطالبو ڪيو ته 4 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.01