ميرپورخاص ۾ بلديه عملي جي نااهلي سبب گٽر اٿلي پيا، علائقي واسين جو احتجاج

news

ميرپورخاص: جمعو 09 آگسٽ 2019ع:ميرپورخاص جي ميونسيپل ڪميٽي جي آفيسرن ۽ عملي جي نااهلي سبب مهراڻ ٽائون ۽ ميرڪالوني سميت شهر جي ٻين علائقن ۾ گٽر اٿلي پيا.

جنهن سبب گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي جمع ٿي پيو ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ گندو پاڻي داخل ٿي ويو، گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي جمع هئڻ سبب علائقي واسين جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

جڏهن ته ڪجهه ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ صفائي سٿرائي بابت هڪ اجلاس ٿيو هو، جنهن جو ڪو به نتيجو نه نڪري سگهيو، ڊي سي جي هدايت تي به ڪو به عمل نه ٿي سگهيو، جڏهن تي متاثر علائقي واسين پاران احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي علائقي واسين توفيق لغاري، شهزاد خاصخيلي رميز سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران رين ايمرجنسي نافذ ڪري بلديه عملي جون موڪليوم رد ڪيون ويون هيون، پر ان باوجود بلديه  جا آفيسر ۽ عملو غائب آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته بلديه جا آفيسر شهر ۾ بينرز هڻي سرڪاري مال ۽ ڪوڙا بل ٺاهي پئسا جمع ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ صرف سوشل ميڊيا تي صفائي جي مهم هلائي پئي وڃي پر عملي ڪم نظر نٿو اچي.

هنن مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص جي بلديه نااهل آفيسرن کي هٽايو وڃي ۽ اهل آفيسرن کي مقرر ڪري سيوريج جو پاڻي ڪڍيو وڃي. 01