مورو واسي نوجوان محمد آصف ملڪ کي ايڊز ۽ ٽي بي ھجڻ جي تصديق، واهر جي اپيل

news

مورو:جمعو 09 آگسٽ 2019ع: مورو شھر جي لطيف ڪالوني جي رھواسي پورھيت محمد ياسين ملڪ جي نوجوان پٽ اٺين ڪلاس جي شاگرد محمد آصف ملڪ کي ايڊز ۽ ٽي بي ھجڻ جي تصديق ٿي آھي. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد محمد ياسين ملڪ ٻڌايو ته منھنجي پٽ کي 4 مھينا اڳ تڪليف ٿي، جنھن کانپوءِ مسلسل ڪمزور ٿيندو ويو ۽ ٽيسٽون ڪرائڻ سان گڏ علاج ڪرايو پر ڪو فرق نه پيو.

ھن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽرن موجب مورو، گمبٽ، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھ مان ٽيسٽون ڪرايون ته ايڊز ۽ ٽي بي ھجڻ جي تصديق ٿي آھي، جنھن ڪري مان تمام گھڻو پريشان آھيان ۽ مون پٽ پنھنجي مسڪيني حال ھوندي علاج تي خرچ ڪيو آھي پر فرق نه پيو آھي.

ھن چيو ته ھاڻي پٽ جي علاج جي لاءِ آغا خان وارن 35 لک روپيا خرچ ٻڌايو آھي. ھن وقت مون وٽ سگھ ناھي، جو علاج ڪرائي سگھان ان ڪري مان پٽ جي علاج ڪرائڻ لاءِ وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن پٽ جي زندگي بچي سگھي.

ھوڏانھن سماجي اڳواڻ وسيم آرائين چيو ته مان پنھنجي وس آھر ھن نوجوان جو علاج ڪرائيندس ۽ وس وارن کي به اپيل ڪيان ٿو ته محمد ياسين ملڪ ھڪ مسڪين پورھيت آھي، جنھن جي پٽ جي علاج لاءِ مدد ڪئي وڃي ته جيئن ھن جي زندگي بچي سگھي.01