ميرپورخاص ۾ اميدوار جو تعليمي بورڊن جي سيڪريٽري ۽ ڪنٽرولر لاءِ ورتل ٽيسٽ نتيجن تي اعتراض، احتجاج

news

ميرپورخاص: جمعو 09 آگسٽ 2019ع:آءِ بي اي پاران تعليمي بورڊن جي سيڪريٽري ۽ ڪنٽرولر لاءٌ ورتل ٽيست جا نتيجا پڌرا نتيجن تي عدم اعتماد ڪندي اميدوار مظفر جميل جو احتجاج ، ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو مطالبو.

هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 12 سيٽن لاءِ آءِ بي اي پاران امتحان ورتو ويو، جنهن ۾ نتيجن ۾ هيرا ڦيري ڪري ميرپورخاص ۾ ٻن اميدوارن کي پاس ڪيو ويو آهي، انهن اميدوارن مان هڪ اميدوار تعليم کاتي جو ملازم آهي ۽ ڊيوٽي هڪ ايم اين اي جي پرائيويٽ سيڪريٽري طور ڪم ڪندو آهي، ڪڏهن به سرڪاري ڊيوٽي نه ڪئي، جڏهن ته ٻيو پاس ٿيل اميدوار اسسٽنٽ پروفيسر آهي، جيڪو حڪومتي پارٽي جي هڪ ايم پي اي جو ويجهو عزيز آهي.

جڏهن ته اميدوار سفارش تي پاس ڪيا ويا آهن، هر سيٽ تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي اميدوار پاس ٿيڻ کپن، جنهن بعد انهن جا انٽرويو ڪري آرڊر ڏنا وڃن. هتي هڪ سيٽ تي ٻه ٻه اميدوار پاس ٿيا آهن، جنهن ڪري اهي نتيجا سنڌ حڪومت کي قبول نه ڪيا وڃن. آءِ بي اي جي قانون موجب پاس ٿيڻ لاءِ انهن سيٽن تي 50 سيڪڙو مارڪون ضروري هيون، جيڪي بعد ۾ آءِ بي اي پاران 40 سيڪڙو ڪيون ويون، اها به قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

مون پهرين به دانهيو هو، پين بدران پينسل سان امتحان ورتو ويو آهي، جنهن ڪري نتيجن ۾ هيرا ڦيري ٿيندي ۽ اهو ئي ٿيو، تعليم کاتي ۾ پروفيسر جون ڊيوٽيون ڪندڙ فيل ٿي ويا ۽ سفارشي اميدوارن کي پاس ڪيو ويو. اهڙي عمل خلاف آئون عيد بعد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪندس انصاف لاءِ هر اداري جو در کڙڪائيندس.01