بدين:جمعو 09 آگسٽ 2019ع: پ پ پ ضلع بدين جي صدر حاجي رمضان چانڊيو چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي وفاقي سرڪار کان ڪا خيرات نه پري پنهنجو حق گهرجي. سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان گهٽ پئسه ملي رهيا آهن.
پريس ڪلب بدين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حاجي رمضان چانڊيو وڌيڪ چيو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ بئراج وارو منصوبي ڪافي سال پهرين سنڌ حڪومت ڪوسٽل بئراج جي نالي سان اسٽڊي ڪرائي چڪي آهي اصل ۾ اهو سنڌ حڪومت جو منصوبو هو هن چيو ته عمران خان حڪومت ڪراچي لاءِ جيڪي اعلان ڪيا آهن.
ان تي ئي عمل نه ڪري سگهيو آهي ته بئراج واري اعلان تي عمل ڪيئن ڪرائيندو حاجي رمضان چانڊيو وڌيڪ چيو ته تازو بدين ۾ پارٽي ورڪرز ڪنويشن بعد چيئرمين بلاول ڀٽو زداري تمام گهڻو خوش ٿيو آهي، جنهن عيد موڪلن سڀني پارٽي عهديدارن کي ڪراچي گهرائي سندن مسئلا ٻڌندو، جنهن بعد آگسٽ جي آخر ۾ بدين اچي 3 ڏينهن تائين پارٽي ورڪرن ۽ عوام جا مسئلا ٻڌڻ جو پڻ واعدو ڪيو آهي.
ان موقعي تي پ پ پ جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي اطلاعات سيڪريٽري فداحسين منڌرو پير امجد شاه سٽي صدر غلام رسول سومرو ڪامريڊ نور محمد ملاح نياز لاشاري پڻ موجود هو.01