عظميٰ بخاري سميت اٺ ليگي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل

news

لاهور:  (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) احتساب عدالت ۾ گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن جي پيشي تي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ٽڪراءُ جي معاملي  تان ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اسلام پور پوليس ايف آءِ آر ۾ عظميٰ بخاري، توصيف شاهه ۽ مهرمحمود احمد سميت 8 جوابدار ۽ 150 نامعلوم ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ ار جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن سيڪيورٽي تي لڳل اهلڪارن مٿان تشدد سميت سرڪاري سامان کي نقصان پهچايو ۽ پٿراءُ سان ڪانسٽيبل نثار جي مٿي تي گهرو ڌڪ لڳو. ڪيس ۾ ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت سميت امن ۾ رنڊڪ وجهڻ جا قلم هنيا ويا آهن. ذريعن موجب ليگي اڳواڻن سميت ڪارڪنن جي خلاف ڪيس انسپيڪٽر دلشاد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو.

ياد رهي ته جمعي جي ڏينهن احتساب عدالت ۾ مريم نواز، حمزه شهباز ۽ راناثناءُالله کي پيش ڪيو ويو هو. ان موقعي تي ليگي ڪارڪنن کي پوليس عدالت ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي ٽڪراءُ ٿيو هو ۽ ان دوران عظميٰ بخاري هڪ پوليس اهلڪار کي چماٽ به هنئي هئي.

ان حوالي سان مسلم ليگ نواز پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته پوليس اهلڪار مون سان بدتميزي ڪئي ۽ ڌڪا ڏنا جنهن سبب مون کيس چماٽ هنئي.