ڪعبت الله جو غلاف تبديل ڪيو ويو

news

سعودي عرب: (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) مڪي شريف ۾ ڪعبت الله جي غلاف جي تبديلي جي تقريب ٿي گذري. ڪعبي جو غلاف هر سال 9 ذوالحج تي تبديل ڪيو ويندو آهي.

ڪعبي جو غلاف خادم الحرمين جي طرفان هدئي جي طور پيش ڪيو ويندو آهي. هلندڙ سال انتظاميه ڪعبي جي غلاف تبديل ڪرڻ جي تقريب گذريل رات جو منعقد ڪئي هئي جنهن جو مقصد صبح جو طواف جي لاءِ ايندڙ ماڻهن کي تڪليفن کان بچائي سگهجي. تقريب ۾ گورنريٽ جي اعليٰ عهديدارن ۽ حرمين شريفين انتظاميه جي عهديدارن،  ڪعبي جي غلاف فيڪٽري جي ذميوارن، شاهي خاندان جي ماڻهن سميت شهرين ۽ علمائن به شرڪت ڪئي.

ڪعبي جي غلاف کي ڪسوهه به چيو ويندو آهي. ان جي تياري ۾ 670  ڪلو گرام ريشم استعمال ٿيندي آهي ان کان علاوه غلاف ۾ سون ۽ چاندي جون تارون به استعمال ڪيون وينديون آهن. ڪعبي جي غلاف جي تياري تي تقريبن 70 لک ريال جي لاڳت ايندي آهي.