آمدني کان وڌيڪ اثاثا: حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ يارنهن ڏينهن جي واڌ

news

لاهور: (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 11 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ليگي اڳواڻ حمزه شهباز کي نيب اختيارين احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو ته جج جوابدار جي دير سان پيش ٿيڻ تي نيب مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ٻڌڻي دوران حمزه شهباز عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن. جيڪڏهن ڪرپشن ڪئي آهي ته نيب عدالت ۾ ثبوت پيش ڪري. نيب عدالت سان گڏ قوم جي سامهون به ڪرپشن ثابت ڪري. 

جنهن کان پوءِ نيب اختيارين حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ واڌ جي درخواست ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي جوابدار جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 11 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته جوابدار کي 21 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.