بابراعظم پاران انگلينڊ ۾ هلندڙ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو

news

لنڊن: (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ  ۾ پهريون نمبر رانديگر بابراعظم انگلينڊ ۾ جاري ويٽاليٽي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ سينچري هڻي ورتي.

گذريل ڏينهن سمرسٽ جي نمائندگي ڪندي بهترين بيٽسمين پنهنجي فارم جو سلسلو جاري رکيو ۽ 55 بالن تي پنج ڇڪن جي مدد سان  سينچري اسڪور ڪئي. بابراعظم جي بهترين راند سبب سمرسيٽ هيمپشائر کي کٽڻ جي لاءِ 202 رنسن جو حدف ڏنو ۽ ان جا چار رانديگر آئوٽ ٿيا.

جواب ۾ هيمپشائر جي شروعات سٺي نه ٿي سگهي ۽ 12هين اوور جي ختم ٿيڻ تي هنن 69 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ان جا 6 رانديگر آئوٽ ٿي ويا هئا.

ان دوران برسات سبب ميچ کي روڪڻو پئجي ويو. جڏهن ته بابر اعظم هن وقت ٽورنامينٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي.