ڀارتي سفارتي عملي جا تيرنهن ميمبر پاڪستان ڇڏي ويا

news

لاهور: (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي سفارتي عملي جا 13 ميمبر پاڪستان ڇڏي ويا آهن.

ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي قدمن جي رد عمل ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي به ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي ۽ ڀارتي سفير کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن کان پوءِ  حڪومت طرفان پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريه کي پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڪستان پنهنجي  هاءِ ڪمشنر کي به نئين دهلي نه موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ڀارتي سفارتي عملي جا 13 ميمبر پاڪستان ڇڏي ويا آهن. ڀارتي سفارتي عملو ۽ ان جا وارث واهگا بارڊر  رستي واپس ڀارت روانا ٿي ويا آهن. هوڏانهن پاڪستان طرفان والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو مظاهرو ڪندي 15 آگسٽ يعني ڀارتي آزادي واري ڏينهن تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان جي نئين هاءِ ڪمشنر امين الحق کي 16 آگسٽ تي ڀارت وڃڻو هو پر ڀارتي قدمن کان پوءِ کيس هاڻ ڀارت وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.