وفاقي ڪابينا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين آئين جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) وفاقي ڪابينا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين آئين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت هاڻ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ادارن جي ٽيمن جو ڪردار ختم ٿي ويو آهي. 

واضح رهي ته هلندڙ سال جون ۾ عالمي رابطي جي وزارت سفارش ڪئي هئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو آئين منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جي آڏو پيش ڪيو وڃي. 

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا جن ۾ پي سي بي جي آئين جي منظوري به شامل هئي جنهن جو مسودو عالمي رابطي جي وزارت وفاقي ڪابينا کي حتمي منظوري جي لاءِ موڪليو هو.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا طرفان نئين آئين جي منظوري کان پوءِ ملڪي ڪرڪيٽ ۾ ادارن جي ٽيمن جو فعال ڪردار ختم ٿي ويو آهي جنهن سان ٽيمون هاڻ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ حصو نه وٺي سگهنديون. پر کين 6 ٽيمن کي اسپانسر ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.

نئين آئين موجب پنجاب، ڏکڻ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ ڪيپيٽيل ايرياز جي نالي سان 6 ٽيمون فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ کيڏنديون ۽ هر ريجن جي هڪ، هڪ ٽيم گريڊ 2 ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندي جنهن جا ميچ 3 ڏينهن  تي ٻڌل هوندا.