سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس کي بحال ڪرڻ جي ڀارتي درخواست کي رد ٿو ڪريان: شيخ رشيد
ويب ڊيسڪ | 4 مھينا پھريان

لاهور: (ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڀارت طرفان سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد ڪريان ٿو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ هڪ ڀيرو وري هوريان هوريان اٿندي، سرينگر ۾ ڀارت جو سياسي، معاشي جنازو نڪري ويندو، سڀني پاڪستانين کي چوان ٿو ته جاڳندا رهو، شايد اسان جي قرض لاهڻ جو وقت اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد ۾ لال حويلي جو هڪ ڪردار آهي. هن چيو ته سوچي سمجهي ٿر ۽ سمجهوتا ايڪسپريس بند ڪيون، ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي نظرثاني جي درخواست رد ڪريان ٿو ۽ جيستائين آئون وزير آهيان سمجهوتا ۽ ٿر ايڪسپرين نه هلنديون، ڀارت سان ڳالهين جا سمورا رستا بند ٿي چڪا آهن، ڳالهيون ٿيون ته ماڻهون چوندا سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيو آهي ڀارت سان لاڳاپن ۾ نظرثاني جو فيصلو پرڏيهي وزارت کي ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ مودي حڪومت ٽريپ ٿي چڪي آهي، مودي ازم هٽلر جي ڪاپي ۽ نازي ازم جي داستان آهي، ڪشميري جينيئس قوم آهن، مودي سياسي آپگھات جو فيصلو ڪيو، وقت ثابت ڪندو ته مودي جو فيصلو انڊيا جي معيشت ۽ امن کي تباهه ڪري ڇڏيندو، ترڪي، ايراني، عربي سڀ ڪشمير تي ڳالهائيندا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو يو اين ٺهرائن جي خلاف آهي.
وفاقي وزير چيو ته چوڌري شگر ملز جو ڪيس پيپلز پارٽي شروع ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي انجام طرف وڌي رهيو آهي، اپوزيشن جو مسئلو آهي اسان کي ڪجهه نه چئو، اسان کي ٻاهر نه وڃڻ ڏيو، ملڪ لٽيندڙ چاهين ٿا ته پيسو ٿرڊ پارٽي ڏيندي پر هنن جو ذڪر نه ٿيڻ گھرجي جڏهن ته ن ليگ اڄ جنهن مقام تي آهي ان جو ڪريڊٽ مريم نواز کي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، عمران خان جي حڪومتي دور ۾ هڪ به ڪيس ناهي ٺهيو.

54