سکر ۾ جاڳرتا فورم پاران شھيد نذير عباسي جي ورسي تقريب، ڀيٽا پيش

news

سکر: ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع:سياسي ڪارڪنن زور ڀريو آھي ته ھتي حقيقي سياسي سماجي ۽ اقتصادي  تبديلي لاءِ کاٻي ڌر جي سڀني ڌرين کي ھڪ عوام دوست ۽ وطن دوست گڏيل جدوجھد ڪرڻي پوندي. شھيد نذيرعباسي جي جدوجھد رستي جو ڏيئو آھي.

جاڳرتا فورم شھيد نذير عباسي جي  39 ھين ورسي تقريب سکر پريس ڪلب ۾ ڪوٺائي. ورسي تقريب ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام رسول گهمرو چيو تہ کاٻي ڌر جي ناڪامي ان ڪري ئي ٿي ته ڌرين ۾  ھڪ ٻي لاء سھپ ختم ٿي وئي ۽ اجتماعي قومي مفادن کي اھميت نه  ڏيڻ بجاءِ  بيجا ۽ بي وقتي تنقيدون ڪري ان تحريڪ کي وڏو نقصان رسايو ويو.

وقت جي ضرورت آھي تہ ھتي حقيقي سياسي سماجي ۽ اقتصادي  تبديليء لاء کاٻي ڌر  جي سڀني ڌرين کي ھڪ عوام دوست  ۽ وطن دوست گڏيل جدوجھد ڪرڻي پوندي. نذير عباسي اھڙي ئي جدوجھد جي رستي جو ڏيئو ھو. ھن چيو ته ھاڻوڪي وقت جي تقاضا آھي ته  ھن ملڪ خاص ڪري سنڌ جون کاٻي ڌر جون پارٽيون ۽ تنظيمون پنھنجا سمورا ويڇا وساري ھڪ ھنڌ گڏ ٿي عام ماڻھن جي ذھنن ۾ ٿيندڙ طبقاتي ۽ قومي ڦرلٽ بابت ڄاڻ ڏين.

ڪامريڊ ڊمرو مل، فيض سومرو، زرقا شر ۽ ٻين تقريرون ڪندي چيو ته  ھاڻوڪي سياسي صورتحال نھايت ڳڻتي واري ٿي چڪي آھي اھڙي ۾ کاٻي ڌر کي ماضيء جيان پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مالڪ کوسو، حڪيم زنگيجو، سچل ڀٽي، رفيق انڍڙ،  ڊاڪٽر خادم منگي، مجيد نواز مغل،  سرواڻ جتوئي،  ستارزنگيجو، نبن ساکاڻي، ضياء ڀٽي، فيض انڍڙ ۽ ٻين بہ تقريرون ڪيون.

آخر۾ ٺھراء پاس ڪري گھر ڪئي وئي  ته  سکر جي مير معصوم شاھ لائبريري ۾ ٽن سڄاڻ پروفيسرن جي داخلا تعليم دشمن عمل آھي ان ڪري انھن  مٿان پابندي ختم ڪئي وڃي.01